انڊين سپر ليگ 2024ع ۾ سي ايس ڪي ( چنائي سپر ڪنگ) جي رانديگر امباتي رائيڊو چيو آهي ته مستقبل ۾ ايم ايس ڌوني لاءِ مندر ٺهايا ويندا، ايم ايس ڌوني چنائي رياست جو ڀڳوان آهي.
امباتي رائيڊو ايم ايس ڌوني جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو ته ڌوني ڀارت ۽ چنائي جي شوقينن لاءِ خوشيون کڻي آيو آهي، هو چنائي جو ڀڳوان اهي ۽ مونکي يقين آهي ايندڙ ڏينهن ۾ چنائي ۾ ايم ايس جا به مندر ٺهايا ويندا.
ڪرڪيٽر امباتي چيو ته ايم ايس ڌوني اهو رانديگر آهي جنهن ڀارت کي 2 ورلڊ ڪپ ۽ چنائي کي ڪيتريون ئي آءِ پي ايل ۽ چيمپئنز ليگ ٽائٽل کٽرايا آهن.
ياد رهي ته ڀارتي رياست چنائي ۾ پهريون ئي مشهور اداڪار رجني ڪانت ۽ خوشبو سميت ڪيترن مشهور شخصيتن جا مندر موجود آهن.
You might also like