وزيراعظم شهباز شريف پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ن ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ پارٽي جي مرڪزي مجلس عامله جو اجلاس 28 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال سڀني ميمبرن کي مجلس عامله اجلاس جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو.
ذريعن موجب پارٽي سمجهي ٿي ته وزيراعظم شهباز شريف مصروفيتن سبب پارٽي تي مڪمل طور ڌيان نه پيو ڏئي سگهي، تنهن ڪري پارٽي کي سڄي ملڪ ۾ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.