آئرلينڊ ۾ شاهين آفريدي سان تماشائي جي بدتميزي، وڊيو وائرل

ڊبلن ۾ پاڪستان ۽ آئرلينڊ مئچ دوران تماشائي قومي ڪرڪيٽر شاهين آفريدي سان بدتميزي ڪئي.
قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي تماشائي جي بدتميزي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جنهن بعد سيڪيورٽي تماشائي کي گرائونڊ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
گذريل ڏينهن ڊبلن ۾ کيڏي ويندڙ ٻين ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ پاڪستان آئرلينڊ کي 7 وڪيٽن سان شڪست ڏئي سيريز ۾ واپسي ڪئي.
ياد رهي ته آئرلينڊ 3 ٽي ٽوئنٽي مئچن جي سيريز جي پهرين مئچ ۾ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.