مٽياري (ويب ڊيسڪ) مٽياري ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ مسافر سخت زخمي ٿي پيا.
سيکاٽ قومي شاهراهه تي پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ جو ٽرالر سان خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ڪوچ ڊرائيور سميت پنج ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ مسافر سخت زخمي ٿي پيا.
حادثي بعد فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
فوتين ۾ ڊرائيور ملڪ يوسف، مير هادي، امِ حسيبه ۽ ٻيا شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوچ پنجاب کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته سيکاٽ ٿاڻي جي حد ۾ بائو ديرو وٽ روڊ حادثو پيش آيو.
You might also like