شروعات ۾ ڪراچي وارن بي عزتو ڪيو، مشهور ڊيزائنر علي ذيشان روئي پيو

عالمي شهرت يافتا مشهور ڊيزائنر علي ذيشان انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيرئر جي شروعات ۾ ڪراچي جي فيشن انڊسٽري جي ناليواري ماڻهن کيس بي عزتو ڪيو، جنهن تي هو روئي پيو هو.
علي ذيشان تازو ئي احمد علي بٽ جي پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن فيشن انڊسٽري سميت ڪيرئر ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين تي کلي ڳالهايو.
علي ذيشان ٻڌايو ته لاهور ۾ پهرين فيشن شو بعد بادشاهه بڻجي ويس ۽ وڏي عزت ۽ پذيرائي ملي.
هن چيو ته لاهور ۾ عزت ۽ شهرت حاصل ڪرڻ بعد ڪراچي ۾ ٿيندڙ فيشن شو ۾ پنهنجي ڊيزائن ڏيکارڻ جو عزم ڪيو ۽ پهرين ڀيرو ڪراچي جي فيشن شو ۾ حصو ورتو پر حوصلا افزائي بجاءِ مايوس ڪيو ويو.
علي ذيشان موجب فيشن ويڪ بعد هڪ هوٽل ۾ ڪراچي جي فيشن انڊسٽري جي وڏن ماڻهن تقريب منعقد ڪرائي، جنهن ۾ هڪ ئي ٽيبل تي وڏا وڏا نالا موجود هئا.
هن جو چوڻ هو ته تقريب ۾ ڪيترائي ماڻهو موجود هئا، جن ۾ ڪجهه کي مان سڃاڻيندو هئس پر ڪجهه اهڙا هئا جن کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو، تقريب ۾ فيشن ميگزين جو ايڊيٽر به موجود هو، جنهن ٿيلي مان ميگزين ڪڍي ٻڌايو ته هنن مون تي ريويو لکيو آهي.
ڄاڻايل ريويو پڙهو ته ان ۾ کلي ڪري تنقيد ڪئي وئي هئي ائين سمجهجي ته منهنجو هڪ قسم جو قتل ڪيو ويو هو، فيشن انڊسٽري جي ماڻهن ايترو ذليل ڪيو جو گاڏي ۾ اچي ڪري اڌ ڪلاڪ تائين روئندو رهيس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.