ابرار الحق پنهنجن نامناسب رويي تي معافي وٺي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ مشهور فنڪار ابرار الحق تازو ئي انٽرويو ۾ دل ۾ باقي رهجي ويندڙ زندگي تي ڳالهائيندي معافي ورتي آهي.
تازو ئي فنڪار نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ بطور مهمان شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي خواهشن، پڇتاءَ ۽ والدين جي حوالي سان اڌوري رهجي ويندڙ خواهشن جي حوالي سان کلي ڪري ڳالهايو ۽ گڏوگڏ ڪجهه ماڻهن سان نامناسب روين تي معافي به وٺي ڇڏي.
انٽرويو دوران ميزبان سوال ڪيو ته زندگي ۾ ڪو پڇتاءُ آهي؟ جنهن تي جواب ۾ فنڪار چيو ته جڏهن مان نئين گاڏي خريد ڪئي ته منهنجي گاڏي کي پويان ڪنهن ٻي گاڏي واري ٽڪر هڻي ڇڏيو ته مونکي ان تي گهڻي ڪاوڙ آئي ۽ سخت لهجي ۾ کيس چيو انڌو آهين ڇا، بعد ۾ ان ڏي ڏٺو ته واقعي ۾ خبر پئي ته هو صحيح ڏسي نه پيو سگهي ۽ هو مجبوري ۾ پيسا ڪمائي رهيو هو، ان ڳالهه تي مان معافي وٺڻ چاهيان ٿو.
هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته هڪ ٻئي شخص کان به معافي وٺڻ چاهيان ٿو، جڏهن منهنجو والد زنده هو ته ڪيترائي ماڻهو ان وٽ مدد وٺڻ لاءِ ايندا هئا، هڪ ڀيرو هڪ اهڙو شخص آيو جنهن کي پنهنجي گهر جي ڇت ٺهرائڻ لاءِ گهڻن پيسن جي ضرورت هئي، پر مون ان کي اڌ رقم اهو سوچي ڏني ته متان هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، بعد ۾ احساس ٿيو ته جيڪڏهن الله تعاليٰ به ائين ڪرڻ شروع ڪيو ته منهنجي واري ته ايندي ئي نه ڇو ته مون کان اڳ ۾ ئي ڪيترائي حقدار ۽ مستحق ماڻهو ويٺل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.