ڀارتي اداڪارا خوفناڪ روڊ حادثي ۾ فوت،مڙس ۽ ڀيڻ زخمي

ڀارت ۾ تيلگور ۽ ڪئناڊا فلم انڊسٽري جي اداڪارا پاويٿرا جي رام روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب افسوسناڪ واقعو گذريل ڏينهن ان وقت پيش آيو، جڏهن اداڪارا پنهنجي فيملي سان گڏ ڪار ۾ سفر ڪري رهي هئي، اداڪارا جي گاڏي آنڌرا پرديش جي علائقي ۾ ڪنٽرول مان نڪري ۽ روڊ ڊيوائڊر سان ٽڪرائجي وئي.
حادثي ۾ اداڪارا موقع تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته پاويٿرا جي ڀيڻ اپيڪشا، مڙس چندر کانت ۽ ڊرائيور سري ڪانت شديد زخمي ٿي پيا.
اداڪارا جي فوتگي جي تصديق سندس وارثن پاران ڪئي وئي آهي جڏهن ته اوچتي موت تي پرستار ڏک ۾ ورتل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.