ڊبلن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابراعظم سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل کٽيندڙ ڪپتان بڻجي ويو.
گذريل ڏينهن ڊبلن ۾ آئرلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي بابراعظم جي اڳواڻي ۾ 45هين ڪاميابي هئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان آئرلينڊ خلاف ٽن ميچز جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ ڪاميابي جو ڪريڊٽ بيٽرز کي ڏنو.
ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته هو پنهنجي پلان ۾ اثرائتي طريقي سان ڪامياب ٿيا.
بابر کان اڳ انگلينڊ جي مورگن ڪپتان طور 44 ميچز ۾ ڪاميابي ماڻي هئي.
ٻئي پاسي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي بابراعظم ۽ شاهين آفريدي کي مبارڪون ڏنيون آهن.
You might also like