ايس ايڇ اوز ٻاهر نڪرن ۽ علائقن کي محفوظ بڻائين: ضياءُ الحسن لنجار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار امن امان جي صورتحال بابت اجلاس جي صدارت ڪندي پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اسٽريٽ ڪرائمز سميت ڏوهي عنصرن ۽ گروهن خلاف اثرائتي ۽ مضبوط ڪارروائي ڪئي وڃي، ڳجهي ڄاڻ کي گڏيل طور تي فالو ڪيو وڃي.
ڪراچي پوليس آفيس ۾ امن امان بابت اجلاس دوران گهرو وزير هدايت ڪئي ته ايس ايڇ اوز ڪمرن ۾ ويهڻ بدران ٻاهر نڪرن ۽ علائقن کي محفوظ بڻائين، رينڊم اسنيپ چيڪنگ، پوائنٽس ۽ علائقن ۾ پنهنجي موجودگي وائرليس ذريعي نوٽ ڪرائي وڃي.
هن هدايت ڪئي ته اسنيپ چيڪنگ دوران گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جو رڪارڊ ترتيب ڏنو وڃي ۽ شهر جي اندرين ۽ ٻاهرين پوائنٽس تي ناڪابندي ڪري چيڪنگ ۽ وائرليس ذريعي انٽريز نوٽ ڪرايون وڃن.
ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال سميت ڏوهن جي خاتمي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڪراچي پوليس جي ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ آيڊيشنل آءِ جي ڪراچي مختلف علائقن ۾ ڏوهي وارداتن جي روڪٿام بابت بريفنگ ڏني.
ان کان اڳ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪراچي پوليس آفيس پهتو ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ٻين آفيسرن سندس آجيان ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.