اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 16 مئي کان تيل اگهن ۾ وڏي پئماني تي رليف جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ 31 مئي تائين پيٽرول جي اگهه ۾ 13 رپيا ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 8 کان ساڍا 9 رپيا في ليٽر گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.
ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ لاٿ سبب پاڪستان ۾ امڪاني طور پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ جو امڪان آهي.
عالمي سطح تي پيٽرول جو اگهه 6 ڏهائي 32 ڊالرز في بيرل گهٽجي 99 ڏهائي 93 ڊالرز ٿي ويو آهي ۽ ڊيزل 4 ڏهائي 97 ڊالرز في بيرل گهٽجي ويو آهي، جيڪو مارڪيٽ ۾ هاڪاري تبديلي کي ظاهر ڪري ٿو.
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي طور 60 رپيا في ليٽر اوڳاڙي رهي آهي، جڏهن ته ڊيلرز کي ٻنهي شين تي 8 ڏهائي 64 في ليٽر جو مارجن ملي رهيو آهي.
You might also like