ناصر شاهه ميٽرڪ جي امتحانن دوران لوڊشيڊنگ جو نوٽيس ورتو، اهم هدايتون جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري ناصر حسين شاهه چيو آهي ته امتحاني مرڪزن کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنو وڃي.
صوبائي وزير ميٽرڪ جي امتحانن دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ گرمي سبب شاگردن جي بيهوش ٿيڻ وارين خبرن جو نوٽيس ورتو ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
هن کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو سان ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي.
ناصر حسين شاهه هدايت ڪئي ته بجلي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ توانائي کاتي جا آفيسر بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين سان رابطي ۾ رهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.