ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽائيفائيڊ ويڪسينيشن مهم شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت کاتي تحت ٽائيفائيڊ کان بچاءَ لاءِ ويڪسين مهم شروع ٿي وئي آهي.
اها مهم 25 مئي تائين ڪراچي جي 7 ۽ حيدرآباد جي هڪ ضلعي ۾ جاري رهندي، جنهن دوران 9 مهينن کان 15 سالن تائين عمر جي ٻارن کي ويڪسين ڏني ويندي.
پراجيڪٽ ڊائريڪٽر موجب هن مهم دوران 89 لک ٻارن کي ويڪسين ڏيڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته ٽائيفائيڊ کان بچاءَ لاءِ اينٽي بائيوٽڪ ڪم نٿي ڪري، جنهن سبب ويڪسينيشن مهم شروع ڪئي وئي آهي، بيمارين کان بچاءَ لاءِ والدين پنهنجي ٻارن کي بچاءَ جي ويڪسين ڪرائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.