گوگل ڪروم جو فيچر اڃا وڌيڪ بهتر ٿي ويو

گوگل ڪروم دنيا جو مشهور ترين ويب برائوزر آهي، پر اهو ويب سائٽس اوپن ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪمپيوٽر ميموري ۽ ريم استعمال ڪندو آهي.
ان جي نتيجي ۾ گوگل ڪروم استعمال ڪرڻ وارن ماڻهن کي گهڻو ڪري ڪمپيوٽر سست هجڻ جو تجربو هوندو آهي، يا ليپ ٽاپ جي بيٽري لائف گهٽجي ويندي آهي.
ان حوالي سان ڪمپني فيبروري 2023ع ۾ ميموري سيور نالي فيچر متعارف ڪرايو هو، جنهن کي هاڻي وڌيڪ بڻايو پيو وڃي.
ان فيچر ذريعي واهپيدارن کي گوگل ڪروم ٽيبرز تي وڌيڪ ڪنٽرول ملي سگهندو.
گوگل ڪروم جو تجرباتي ورجن جنهن ۾ نون فيچرز جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
ياد رهي ته ميموري سيور موڊ ڪروم برائوزر ۾ اوپن ٽيبز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنهن سان ميموري جي بچت ٿيندي آهي.
گوگل طرفان ميموري سيور ۾ 3 نون آپشنز موڊريٽ، بيلنس ۽ ميگزمم جي واڌ ڪئي پئي وڃي.
موڊريٽ ميموري سيونگز جي آپشن جي چونڊ ڪرڻ سان ٽيبز کي ايڪٽو ٿيڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.