جيڪڏهن اوهان ٽي وي تي يوٽيوب ڏسڻ يا عادي آهيو ته تمام جلد اوهان هن کي گهڻيون ئي تبديليون ڏسندئو.
وڊيو شيئرنگ سروس طرفان يوٽيوب اينڊرائڊ ٽي وي کي تبديل ڪيو پيو وڃي.
ڪمپني طرفان هڪ نئين اپڊيٽ ذريعي يوٽيوب ٽي وي ايپ جي سائيڊ بار کي تبديل ڪيو پيو وڃي.
ان نئين اپڊيٽ کانپوءِ جڏهن به اوهان مينيو سائيڊ بار تي ويندئو ته هڪ نئين ڊيزائن ڏسڻ ۾ ايندي.
ياد رهي ته اهي سائيڊ بار مختلف ٽيبز تي مشتمل هوندي ۽ انهن ۾ هوم سيريز، ميوزڪ،موويز اينڊ ٽي وي، نيوز، گيمنگ سبسڪرپشن، لائيبريري ۽ ٻيا آئيڪن نظر ايندا آهن.
پر نئين اپڊيٽ ذريعي ان سائيڊ کي ننڍو ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻي اها سرچ، هوم، ميوزڪ، موويز ۽ ٽي وي سميت مور تي مشتمل هوندي.
You might also like