اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف نمائندي ايسٿر پيريز چيو آهي ته آءِ ايم ايف مشن ايندڙ هفتي پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون ڪندو.
پاڪستان ۾ عالمي مالياتي فنڊ جي نمائندي ايسٿر پيريز پنهنجي بيان ۾ چيو ته آءِ ايم ايف مشن ايندڙ هفتي ناٿن پورٽر جي قيادت ۾ پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون ڪندو.
هن چيو ته آءِ ايم ايف وفد ايندڙ قرض پروگرام لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪندو، انهن ڳالهين جو مقصد پاڪستان ۾ بهتر ۽ مضبوط گورننس جو بنياد رکڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته ڳالهين ۾ لچڪدار ۽ پائيدار معاشي ترقي جو بنياد رکڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، پائيدار معاشي ترقي جي ذريعي سڀني پاڪستانين کي فائدو ٿيندو.
Next Post
You might also like