ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا منيشا ڪوئرالا انڪشاف ڪيو آهي ته هو نيٽ فلڪس ويب سيريز هيرا منڊي جي شوٽنگ دوران ڊپريشن جو شڪار رهي.
انسٽاگرام تي پوسٽ تي هن لکيو ته مونکي يقين نه هيو ته هيرا منڊي پراجيڪٽ کي مڪمل ڪري سگهندس پر فلم ميڪرز کي مون تي يقين هو.
اداڪارا ٻڌايو ته مان الله جو شڪر ڪندي آهيان ته ڪينسر سان صحتيابي ۽ پنجاهه کان وڌيڪ جي ڄمار هجڻ بعد به مونکي اسڪرين تي ٻيهر اچڻ جو موقعو مليو آهي.
منيشا ڪوئرالا چيو ته ڦواري واري سين ۾ هن کي ٻارنهن ڪلاڪن تائين آلو رهڻو پيو ۽ هو هن سان وڌيڪ ٿڪاوٽ جو پڻ شڪار ٿي.
واضح رهي ته سنجي ليلا ڀنسالي جي ويب سيريز هيرا منڊي ۾ اداڪارا مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو ۽ ان جي پرفارمنس جي پڻ واکاڻ ڪئي پئي وڃي.
You might also like