ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ انٽرميڊئيٽ جي سالياني امتحانن جي تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
انٽرميڊئيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ، جنرل سائنس ۽ هوم اڪنامڪس جي امتحانن جي شروعات 28 مئي کان ٿيندي.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته مارننگ شفٽ ۾ 9 کان 12 تائين پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ ۽ هوم اڪنامڪس جا پيپر ٿيندا، جڏهن ته ٻي پهري 2 کان 5 وڳي تائين جنرل سائنس جا امتحان ورتا ويندا.
Next Post
You might also like