ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم مزاحمت تي قتل جا واقعا وڌيا آهن: آءِ جي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اعتراف ڪيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ مزاحمت تي قتل ۽ زخمي ڪرڻ جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جون روز 400 ۽ ساليانو 80 هزار وارداتون رپورٽ ٿين ٿيون، اسٽريٽ ڪرائم اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ مزاحمت تي قتل ۽ زخمي ڪرڻ جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي، ڦر دوران شهرين کي قتل ۽ زخمي ڪندڙ جوابدارن کي پڪڙيو ويو آهي، جڏهن ته ڦر دوران شهرين کي قتل ڪندڙ 64 سيڪڙو ڪيسن جو پتو لڳايو آهي، ڦر جي ڪيسن جي جاچ لاءِ 67 آفيسر رکيا آهن.
سندس چوڻ هو ته عادي ڏوهارين جو انگ 8 کان 12 هزار جي لڳ ڀڳ آهي، جن جي ٽيگنگ تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ پوليس کي ان حوالي سان تربيت به ڏني پئي وڃي، شهر ۾ موٽر سائيڪل چوري جون وارداتون وڌيڪ آهن، ڪراچي جا 108 ٿاڻا آهن ۽ هڪ ٿاڻي ۾ اڍائي لک جي آبادي اچي ٿي.
غلام نبي ميمڻ چيو ته شهر ۾ منشيات به هڪ وڏو مسئلو آهي، اسان صوبي جي داخلي رستن تي سختي ڪري رهيا آهيون ۽ ڪئميرائون لڳايون پيون وڃن، ڪوشش آهي ته صوبي ۾ پوليس ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.