اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال 25-2024 جي بجيٽ ۾ سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس جون رعايتون ۽ ڇوٽ مرحلي وار ختم ڪرڻ جو اعلان آهي.
ذريعن موجب بجيٽ ۾ امپورٽڊ ٽريڪٽرز تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ ڪمرشل امپورٽرز تي ود هولڊنگ ٽيڪس لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
بجيٽ ۾ ڪمرشل درآمد ڪندڙن جي آمدني تي انڪم ٽيڪس ود هولڊنگ لڳائڻ جي تجويز آهي، ڪمرشل امپورٽرز تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ سان ساليانو 25 ارب رپين تائين روينيو جو امڪان آهي.
پراڻي درآمدي گاڏين تي به ٽيڪس وڌائڻ، ڪڻڪ جي درآمد جي گهٽائڻ لاءِ واڌو ٽيڪس ڊيوٽي لڳائڻ، ٽريڪٽرز ۽ جيت مار دوائن تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو امڪان آهي پر ٽريڪٽرز ۽ جيت مار دوائن تي ٽيڪس ڇوٽ جي خاتمي سان زرعي لاڳت وڌيڪ وڌڻ جو به خدشو آهي.
حڪومت کي مختلف ٽيڪس ڇوٽ ختم ٿيڻ سان مجموعي طور تي 30 ارب رپيا روينيو حاصل ٿيڻ جي اميد آهي.
You might also like