لاهور (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته جيڪي واپاري ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن اهي پاڻ ٽيڪس نيٽ ۾ اچن، کين سهولتون ڏينداسين پر ٽيڪس نيٽ شموليت مهم کان پوئتي نه هٽنداسين.
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت ۾ بهترين ڪم ٿيو آهي ۽ نگران حڪومت جي دور کي به ڪريڊٽ وڃي ٿو، شهباز شريف حڪومت ۽ نگران حڪومت 9 مهينن جي معاهدي کي چڱي ريت نڀايو.
هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام چاهيون ٿا ته نجڪاري ڏانهن وڃڻو پوندو ۽ نجي شعبي کي اڳتي اچڻو پوندو، بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جا بورڊ تبديل ڪري رهيا آهيون، ان ۾ نجي شعبا به شامل ڪنداسين، اسان کي بجلي چوري مڪمل طور ختم ڪرڻي آهي.
سندس چوڻ هو ته ٽيڪس، جي ڊي پي ۽ توانائي تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي ٽيڪس نيٽ وڌائڻو آهي ۽ ان جو سبب آءِ ايم ايف ناهي پر اها ملڪ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ 8 کان 10 ٽريلين ڪيش هن وقت مارڪيٽ ۾ گهمي رهيو آهي.
محمد اورنگزيب چيو ته اپريل ۾ اسان ٽيڪس رجسٽريشن لاءِ مهم شروع ڪئي هئي، ماڻهو سمجهن ٿا ٽيڪس نيٽ ۾ اچي ويندا ته کين بنا جواز هراسان ڪيو ويندو، جيڪو واپاري ڀاءُ ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهي اهو پاڻ ٽيڪس نيٽ ۾ اچي، کين هر قسم جي سهولت ڏينداسين پر ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي مهم کان پوئتي نه هٽنداسين.
ٽيڪس نيٽ آءِ ايم ايف نه پاڪستان جي ضرورت آهي، ان کان پوئتي نه هٽنداسين: ناڻي وارو وزير
You might also like