جيمز اينڊرسن جو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان ريٽائرمينٽ جو اعلان

انگلينڊ جي فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جيمز اينڊرسن ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ بعد ريٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ 10 جولائي تي لارڊر ۾ کيڏي ويندي، اها مئچ اينڊرسن جي ڪريئر جي آخري مئچ هوندي.
ياد رهي ته انگلينڊ جي جيمز اينڊرسن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 700 وڪيٽون وٺڻ وارو واحد ٽيسٽ بالر آهي، هن اهو سنگ ميل تائين پهچڻ لاءِ 187 ٽيسٽ مئچ کيڏي چڪو آهي.
اينڊرسن ڀارت جي سچن ٽنڊولڪر کانپوءِ تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ مئچ کيڏندڙ ٻيون رانديگر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.