ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي، کين مايوس نه ڪنداسين، پ پ عوام جي خدمت ڪئي آهي، اهو سلسلو جاري رهندو.
تقريب کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي تي گھڻو ڌيان آهي، ڪراچي ۾ پ پ جي مقبوليت وڌندي پئي وڃي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي وٽ شهر جون سئو کان وڌيڪ يوسيز آهن، ڪراچي جي جن ضلعن ۾ پ پ جي اڪثريت آهي اتي ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن. ڪراچي جي عوام لاءِ خدمت جو سفر جاري رهندو.
سندس چوڻ هو ته پ پ ڪراچي جي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو، جنهن سان ماڻهن جو اعتماد وڌيو، ڪراچي جي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي، کين ڪڏهن به مايوس نه ڪبو.
You might also like