ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي ايم سي جا مالي معاملا بهتري ڏانهن وڃي رهيا آهيون، بهتريون اينديون ته عوام خوشخبرون ٻڌندون.
مرتضيٰ وهاب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف درخواست جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ عدالت پهتو، عدالت اسٽي ۾ 23 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.
بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف جماعت اسلامي ۽ ٻين درخواستون داخل ڪيون آهن، عدالت ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي اوڳاڙي کان روڪيو آهي.
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر ۾ نين بسن بابت جلد خوشخبري ملندي، جيئن ئي ڪي ايم سي جي مالي معاملن ۾ بهتريون اينديون، عوام خوشخبري ٻڌندو، معاملا بهتري ڏانهن وڃي رهيا آهن.
هن چيو ته حددخلين مان ضبط ڪيل سامان کي گهڻي دير تائين نٿا رکي سگهون، قانون ۾ ترميم ڪري هاڻي ڏنڊ وڌائڻ جو سوچي رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته سائن بورڊ ڪي ايم سي جي اجازت کانسواءِ لڳل آهن، اهي اختيار ڪي ايم سي وٽ هجڻ گرجن، سياسي پارٽين جي جهنڊن کي به لاٿو پيو وڃي، تارن تي جهنڊا لڳل هئا جن کي هٽايو پيو وڃي.
Next Post
You might also like