اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت گريڊ 17 کان 22 تائين سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب ڪسٽم ملازمن کي ڏنل سبسڊي ختم ڪئي وئي. ڪسٽم ملازمن کي ڏنل هائوس رينٽ ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، ميڊيڪل الائونس به ختم ڪيو پيو وڃي، ڪسٽم ملازمن کي ڪامن پول فنڊ مان مراعتون ڏنيون پئي ويون، ايف بي آر ڪامن پول فنڊ مان سبسڊي ۽ مراعتون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ٻئي طرف ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 12 سيڪڙو ۽ اي او بي آءِ سميت گريڊ هڪ کان 15 تائين جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب بار جي گريڊ 16 کان 22 تائين جي فائدن ۾ گهٽتائي ۽ پگهارن ۾ معمولي واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.
وفاقي حڪومت پاران آءِ ايم ايف مشن جي اچڻ کان اڳ هن مهيني جي وچ تائين بجيٽ هدفن تي ڪم مڪمل ڪرڻ جو امڪان آهي.