چنڊ تي موجود جاپاني مشن سائنسدانن کي ٻيهر حيران ڪري ڇڏيو

جنوري 2024ع ۾ چنڊ تي پهچندڙ پهرين جاپاني اسپيس ڪرافٽ هڪ ڀيرو ٻيهر سائنسدانن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
اصل ۾ جاپاني مشن شروعات کان ئي سائنسدانن کي حيران ڪري رهيو آهي ۽ ٽي مهينا گذرڻ باوجود به ڪم ڪري رهيو آهي.
جاپان ايرو اسپيس ايڪسپلوريشن ايجنسي (جي اي ايڪس اي) طرفان گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب اسمارٽ لينڊر انويسٽي گيٽنگ مون(سلم) نالي مشن جو لينڊر ٽيون ڀيرو چنڊ جي رات گذارڻ باوجود به ٻيهر متحرڪ ٿي ويو.
ياد رهي ته چنڊ جي رات جو مدو 2 هفتا ڊگهو هوندو آهي ان ذريعي گرمي پد 183 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گهٽجي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.