اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني سائنسدانن ۽ سائنس جي شاگردن طرفان تيار ڪيل سيٽلائيٽ ”آءِ ڪيوب قمر“ طرفان موڪلي ويل ”چنڊ مشن“ چينگ اي6 سان گڏجي ويو ته ڪيترائي ماڻهو انهي ڳالهه تي پريشان آهن ته هن مشن ۾ پاڪستان جو ڪهڙو ڪردار آهي ۽ اهو پاڪستان لاءِ ڪيترو اهم آهي؟
گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ موجود انسٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي (آءِ ايس ٽي) جي ويبسائيٽ موجب آءِ ڪيوب قمر سيٽلائيٽ جو وزن صرف 7 ڪلو گرام آهي، پر اهو چيني خلائي مشين جو سڀ کان وڏو ڪم سر انجام ڏيندو.
پاڪستاني سيٽلائيٽ چنڊ تي تي پهچڻ بعد اتان جون تصويرون، وڊيوز، ۽ ٻيو ڊيٽا زمين تي چيني ماهرن کي موڪليندو.
پاڪستان طرفان جاري ڪيل سيٽلائيٽ ٻه هاءِ ريزوليشن آپٽيڪل ڪيمرن تي ٻڌل آهي، جيڪو اتي پهچڻ بعد تصويرون ۽ ڊيٽا زمين تي موڪليندو.
آءِ ڪيوب در اصل هڪ خلائي سائنس جو اصطلاح آهي جنهن جو مقصد ننڍڙا سيٽلائن آهن ۽ پاڪستان پهريون دفعو اهڙي طرح جا سيٽلائيٽ هڪ ڏهاڪو پهريان 2013 ۾ ۾ ٺاهيا هئا ۽ هاڻي پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ننڍڙي سيٽلائيٽ کي چنڊ جي مشن تي روانو ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ موجود خلائي اداري انسٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي موجب چين پنهنجو مشن موڪلڻ کان ٻه سال پهريان ايشيائي خلائي ايجنسي جي آپريشن آرگنائزيشن جي ميمبر ملڪن کي دعوت ڏني هئي ته پنهنجا خلائي سيٽلائيٽ چين جي مشن سان گڏ موڪلي سگهن ٿا.
چيني خلائي ايجنسي 2022ع ۾ ايشيائي خلائي ايجنسي جي ميمبر ملڪن کي دعوت ڏني هئي، ايشيائي ايجنسي جي ترڪي، منگوليا، پيرو، ٿائيلينڊ، ايران، بنگلاديش ۽ پاڪستان به ميمبر آهن.
چيني درخواست کانپوءِ ٻين ملڪن به خلائي سيٽس موڪلڻ جي درخواست ڪئي پر چيني سائنسدانن صرف پاڪستاني سيٽلائٽ جي چونڊ ڪئي، جنهن کانپوءِ پاڪستاني ماهرن ۽ شاگردن ٻن سالن جي گهٽ وقت ۾ آءِ ڪيوب قمر سيٽلائٽ تيار ڪيو.
You might also like