نواز شريف، اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار محدود ڪرڻ چاهي ٿو

اسلام آباد(رضا رومي) وفاقي ڪابينا ۾ ٿيل تبديلين مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته نواز شريف پنهنجي حڪمت عملي کي ٻيهر ترتيب  ڏئي رهيو آهي. هن کي احساس ٿي ويو آهي ته انهن اسٽيبلشمينٽ کي وڏي جاءِ ڏني آهي. نواز کي خبر آهي ته شهباز شريف اسٽيبلشمينٽ سان مزاحمت نه ڪندو. نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي ڪمن کي محدود ڪرڻ چاهي ٿو، ان ڪري اسحاق ڊار ۽ راڻا ثناءُ الله کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو اسٽيبلشمينٽ لاءِ واضح پيغام آهي. رضا رومي به ائين ئي فرمائي ٿو. ٽي وي ٽاڪ شو ۾ هن چيو ته شهباز کان وڌيڪ زرداري جي نوڪري پڪي آهي، سينيٽ چيئرمين پ پ جو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو ڪارڊ اسٽيبلشمينٽ وٽ به آهي ته پي ٽي آءِ وٽ به آهي.

نوٽ: رضا رومي جو هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 03 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.