مسلم ليگ (ن) حڪومت جي ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاع اسماعيل هڪ خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڄاڻايو آهي ته اسٽيل مل هاڻي شير شاهه جي ڪٻاڙي مارڪيٽ ۾ کپائڻ جهڙي آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسٽيل مل جي اهڙي حالت ڪنهن ڪئي آهي جو هاڻي ان کي خانگائڻ ۽ ڪٻاڙي مارڪيٽ ۾ کپائڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي.
پنهنجي ملڪ اندر غير جمهوري حڪومتن کان ته چڱائي جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي پر ان المئي تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو ته خود عوام جي چونڊيل حڪومتن به اسٽيل مل جهڙي اهم صنعتي اداري جو قدر نه ڪيو آهي. پوءِ مسلم ليگ (ن) هجي يا پ پ جي حڪومت هجي. چوڻ وارا ته اهو به چوندا رهيا آهن ته پ پ جي حڪومتي دورن ۾ اسٽيل مل ۾ اڃان وڌيڪ تباهي آئي آهي. اسٽيل مل ۾ خود پورهيتن جو به شيئر شامل آهي پر اها پ پ حڪومت ئي آهي جنهن اسٽيل مل جي مزدورن کان جبري رٽائرمينٽ وٺي انهن کي سندن حصي کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هاڻي جڏهن مفتاع اسماعيل اسٽيل مل کي ڪٻاڙي وٽ وڪرو ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو ته ان کان اهو به سوال پڇڻ گهرجي ته اسٽيل مل جي ڪٻاڙي واري حالت ڪنهن ڪئي آهي؟ مفتاح اسماعيل ٿو چوي ته اسٽيل مل کي پنهنجي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ لاءِ جيتري رقم خرچ ڪبي ان رقم مان اهڙيون ٽي نيون اسٽيل اسٽيل ملون ٺاهي سگهجن ٿيون. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته جڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو شاهد خاقان عباسي وزيراعظم هو ۽ مفتاح اسماعيل ناڻي جو وزير هو ته انهن ئي اسٽيل مل جي گئس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ ان فيصلي کان پوءِ هڪدم اسٽيل مل بيهي وئي هئي. سو اسٽيل مل جي تباهي جا پيرا کڻبا ته حڪمرانن ڏانهن ئي ويندا.
چوڻ جو مقصد ته پاڪستان اسٽيل مل آخر تباهه ڇو ٿي. ان معاملي تي باقاعدي اڻ ڌري جاچ ڪميشن قائم ٿيڻ گهرجي جيڪا اصل حقيقت ٻڌائي ڇاڪاڻ ته هي ملڪي ادارو آهي ۽ سڄي پاڪستان جي ماڻهن جو ان ۾ رت ست شامل آهي. ان اداري جي تباهي ڪا معمولي ۽ نظرانداز ڪرڻ جهڙي ڳالهه ناهي. ان ڪميشن کي مڪمل آزادي ۽ خودمختياري سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته جيئن اها غير جانبداراڻي نموني حقيقتون آڏو آڻي سگهي ۽ ان جي رپورٽ جي روشني ۾ ملڪي ادارن کي بهتر طريقي سان هلائڻ جي اصلاح وٺي سگهجي.
اسان جو ذاتي خيال آهي ته اسٽيل مل جو ادارو هاڻي به پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي قابل آهي ان جي حالت جيڪڏهن ڪٻاڙي کي وڪڻڻ جهڙي ڪنهن ڪئي آهي ته ان جا ذميوار سڀئي حڪمران آهن جن کي حساب ڏيڻو پوندو.
صحافت جي عالمي ڏينهن تي وچن
اظهار آزادي واري زبان کي هر دور ۾ ڪاڪڙي مان ڇڪي، ڪڍي روڊن رستن تي اڇلائي چيڀاٽيو ۽ لتاڙيو ويو آهي. ان باوجود اها صحافت ئي آهي جيڪا بي پهچ، مظلوم ۽ ستايل ماڻهن جو ڀرجهلو بڻيل آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته اوهان ڏسندئو ته عام ماڻهن جو آخري اعتبار وري به صحافتي ادارا رهيا آهن ۽ هر ڪو پنهنجا مسئلا پريس ڪلبن ڏانهن کڻي ايندو آهي، ڪو پريس ڪانفرنس ڪندو، ڪو پريس ڪلب آڏو هڙتال ڪندو ته ڪي وري مظاهرا ڪندا جيئن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کين ڪور ڪري ۽ ائين سندن آواز اقتداري ايوانن تائين پهچي.
سو جيڪو به ماڻهو يا ڪا سياسي جماعت، سياسي اڳواڻ يا وطن دوست هوندو سو عوام دشمن طاقتن جي هٽ لسٽ تي هوندو. صحافتي ادارا به جيئن ته اڪثريتي طور تي عوام دوست، جمهوريت دوست، وطن دوست، اظهار جي آزادي جا قائل رهيا آهن، هر قسم جي زيادتي ۽ استحصال خلاف رهيا آهن تنهن ڪري اهي غير جمهوري طاقتن جي نشاني تي رهيا آهن.
اڄ جڏهن سال 2024 ۾ صحافت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي ته ان جو روح اڄ به زخمي آهي. هن جديد دور ۾ به صحافت مڪمل طور تي آزاد ۽ خودمختيار ناهي. جيڪڏهن ڪا حڪومت ئي صحافت کي آزادي ۽ خودمختياري جو حق نه ڏيندي ته بدي جون طاقتون ڪيئن ڏينديون. اصولي طور تي ڏسجي ته اسان جو سماج غير جمهوري رهيو آهي ۽ غير جمهوري سماج ۾ صحافت هميشه عتاب ۾ رهندي آهي.
جڏهن ته صحافت جو اصل مقام ڏسجي ته اها رياست جي چئن اهم ٿنڀن مان هڪ آهي يعني صحافت به هڪ اهڙو ٿنڀ آهي جنهن تي رياست بيٺل آهي. رياست ۾ جيئن حڪومت، عدليه ۽ انتظاميه جي آئيني ۽ قانوني حيثيت آهي تيئن صحافت جي به آهي پر غير جمهوري ملڪن ۾ صحافت کي اهو مقام ناهي مليل جنهن کي اسان جيڪڏهن غير مهذب ۽ غير ترقي يافته معاشرو چئون ته غلط نه ٿيندو. ترقي يافته ۽ مهذب ملڪن ۾ صحافت کي اهو ئي درجو مليل آهي جيڪو رياست جي باقي ٽن ٿنڀن يعني حڪومت، عدليه ۽ انتظاميه کي مليل هوندو آهي.
جيستائين سنڌي صحافت جو معاملو آهي ته ان بابت انگريزي توڙي اردو صحافين جو مجموعي خيال اهو هوندو آهي ته سنڌي صحافت جي عوام سان ڪمٽمنٽ ٻين ٻولين جي صحافت کان وڌيڪ گهري رهي آهي. ان جو ڪارڻ شايد اهو آهي جو سنڌ کي تاريخي طور تي هر دور ۾ سندس حقن کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ توڙي سنڌي عوام کي هر دور جي حڪومتن ڄڻ اپوزيشن سمجهيو آهي ۽ اپوزيشن وانگر کين انتقام جو نشانو بڻايو آهي. تنهن ڪري انهن سنڌ جو ڪيس وڙهڻ کي پنهنجي ضمير جو آواز سمجهيو ۽ ان ضمير جي آواز تحت صحافت پئي ڪئي آهي جنهن نتيجي ۾ غير جمهوري طاقتن سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ٻين ٻولين جي ميڊيا کان وڌيڪ نظرانداز ڪيو ويو آهي. پر صحافت جي تاريخ ۾ انهيءَ صحافت کي سرخرو سمجهيو ويندو جيڪا سچ، حق، عوام ۽ ڌرتي سان سلهاڙيل هوندي. اڄ جي صحافت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجو وچن اهو ئي آهي.