ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان جي نئين فلم ”لاهور 1947“ ڀارتي يوم جمهوريا جي موقعي تي 26 جنوري 2025 تي رليز ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فلم جي شوٽنگ زور ۽ شور سان جاري آهي، فلم کي جون 2024 کان پهريان ئي مڪمل ڪيو ويندو.
ذريعن ٻڌايو آهي ته عامر خاب به فلم ۾ هڪ خاص جهلڪ ڏيکاريندو، جڏهن ته مرڪزي ڪردار سني ديول ادا ڪندو.
راجڪمار شنتوشي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ۾ ڪرن کان علاوه ان جي والد سني ديول، پريتي زنٽا، شبانا اعظمي، اڀي مانيو سنگهه ۽ علي فضل شامل آهن.
شبانا اعظمي عامر خان جي فلم ۾ ڌرميندر جي پٽ سني ديول سان گڏ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي.
لاهور 1947 ۾ اداڪارا هڪ اهڙي ماءُ جو ڪردار ادا ڪندي جيڪا ورهاڳي کان پهريان پنهنجي حويلي کي ڇڏڻ کان انڪار ڪندي آهي بعد ۾ جيڪا هڪ مسلم مهاجر خاندان کي الاٽ ٿيندي ويندي آهي.
Next Post
You might also like