غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي لاءِ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ کين نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته غيرقانوين طور طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروائي ٻيهر شروع ٿيندي.

هن چيو ته غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي، بنا ويزا جي ڪنهن کي به رهڻ جي اجازت نه ڏيندي ويندي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت امن امان جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ڪچي ۾ پوليس جون چوڪيون وڌايون وينديون، ڌاڙيلن جي سهولتڪارن کي بخش نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لڳائي وئي آهي، ڪو به هٿيارن جي نمائش ڪندو ته گرفتار ٿيندو.

شرجيل انعام ميمڻ چو ته ڪي پي او تي حملو ڪندڙ هڪ شخص مدرسي جو استاد نڪتو هو، هاڻي مدرسن جي نگراني ڪئي ويندي،

صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ منشيات خلاف ڪارروائي جاري آهي، 40 کان 45 ڏينهن دوران 2 سئو کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.