گاڏين جو مقابلو: سوزوڪي سوئفٽ لکين رپيا سستي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪيا کانپوءِ پاڪ سوزوڪي به پنهنجي گاڏين جي اگهن ۾ لکين رپين جي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.

پاڪ سوزوڪي طرفان گاڏين جي اگهن ۾ 7 لک رپين تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پهرين مئي کان سوزوڪي سوئفٽ ماڊل جي ايل ايم ٽي جي اگهه ۾ 85 رپيا گهٽتائي ٿي وئي آهي جنهن کانپوءِ نئون اگهه 43 لک 36 هزار ٿي ويو آهي.

سوزوڪي سوئفٽ جي ايل سي وي ٽي جي اگهه ۾ 1 لک 59 هزار رپيا گهٽتائي ڪئي آهي، هاڻي اگهه 45 لک 60 هزار ٿي ويو آهي.

سوزوڪي سوئفٽ جي ايل ايڪس سي وي سي ٽي جي اگهه ۾ 7 لک رپين جي وڏي لاٿ اچي وئي آهي، هاڻي ان جو اگهه 47 لک 19 هزار ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.