اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي ۾ گهٽتائي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻن سالن ۾ مهانگائي جو گهٽ ترين سطح تي اچڻ معاشي بهتري جا آثار آهن، 16 مهينن ۾ جيڪا محنت ڪئي ۽ پوءِ ان کي نگران حڪومت جاري رکيو، ان جا اثر سامهون اچي رهيا آهن.
هن چيو ته مهانگائي جي شرح 39 سيڪڙو کان اڳ ۾ 20 سيڪڙو ۽ هاڻ 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، مهانگائي گهٽائڻ پهريون هدف آهي، الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي سان عوام کي وڌيڪ رليف ملندو.
سندس چوڻ هو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ سان عوام کي رليف ملندو، ڇو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه هيٺ آيا آهن، ائين ئي هلندا رهياسين ته عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ملي.
You might also like