پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ پنجاب پوليس ۽ ٻين ادارن کي خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ علي امين گنڊاپور جي ڪيسن جي تفصيلن لاءِ داخل درخواست تي ڪيس اڪلائي ڇڏيو، جسٽس ايس ايم عتيق شاهه ۽ جسٽس شڪيل احمد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته وڏي وزير خلاف نيب ۾ هڪ انڪوائري آهي، ايف آءِ اي وڪيل ٻڌايو ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ۾ به وڏي وزير خلاف ٻه ڪيس آهن.
عدالت پنجاب پوليس ۽ ٻين ادارن کي وڏي وزير جي گرفتاري کان روڪيندي حڪم ڏنو ته علي امين کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي.
عدالت چيو ته وڏي وزير خلاف ڪيسن جي تفصيلن لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪيو.
You might also like