ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ مبتلا آمريڪي سهڻي پاڪستان پهچي ساڻس شادي ڪري ڇڏي
فري لانس صحافڻ ڪليئر اسٽيفن گذريل ڏينهن آمريڪا مان اسلام آباد پهتي جتي هن پولو رانديگر انور ولي عرف مشور سان نڪاح ڪيو.
نڪاح جي تقريب ۾ سندن دوستن به شرڪت ڪئي جن چيو ته آمريڪي عورت 8 مهينا اڳ پاڪستان آئي هئي ۽ چترال ۾ سندس ملاقات انور ولي سان ٿي هئي.
ڪليئر اسٽيفن آمريڪا وڃڻ کانپوءِ ساڻس رابطي ۾ هئي ۽ ٻنهي ۾ محبت ٿي وئي جنهن کانپوءِ هنن نڪاح ڪري ورتو آهي.
هن وقت سادگي سان نڪاح ڪيو ويو آهي هاڻي پشاور ۾ شاندار تقريب ٿيندي.
(تصوير ۾ ٽوپي پهريل شخص آمريڪي صحافين جو پاڪستاني مڙس آهي)