بوگوٽا (ويب ڊيسڪ) ڪولمبيا جي صدر گستاوپيٽرو چيو آهي ته اسان جو ملڪ غزا تي وحشياڻي بمباري خلاف احتجاجي طور اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي سڀ کان سخت ناقد ڪولمبيا جي صدر گستاوپيٽرو چيو آهي ته اسرائيلي حڪومت فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اسان غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ تڪليف کي سمجهون ٿا، ڪولمبيا سڀاڻي کان اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪندو.
You might also like