بي رحم برائن لارا، جنهن کان بالر پناهه گهرندا هئا

ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان برائن لارا اڄ پنهنجي 55 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.
ٻه مئي 1969ع تي ٽرينڊاڊ ۾ جنم وٺندڙ برائن چارلس لارا کي ڪيئي حوالن سان ياد رکي سگهجي ٿو، هو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ هڪ اهڙو رڪارڊ ساز بيٽر هو جنهن جي عظمت جا ڳڻ سڀئي ڳائيندا رهن ٿا، سندس غيرمعمولي صلاحيتن کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي.
انهن کي صلاحيتن جي بنياد تي سندس ڳاڻيٽو سرڊان بريڊمين، سرلين هٽن، سر گيري سوبرز، سنيل گواسڪر، بيري رچرڊز کان همعصر سچن ٽنڊولڪر تائين ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن عظيم بيٽرن ۾ ٿئي ٿو.
برائن لارا جو ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪيريئر پاڪستان خلاف ميچن کان شروع ٿيو ۽ ختم ٿيو، پنهنجي آخري سيريز دوران ملتان ٽيسٽ ۾ لارا جي انتهائي جارحاڻي انداز ۾ اسڪور ڪيل ڊبل سينچري جنهن به ڏٺي اِهو ان کي وساري نه سگهيو.
برائن لارا 131 ٽيسٽ ميچن ۾ 11953 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 34 سينچريون ۽ 48 ففٽيون شامل آهن، هن 299 هڪ ڏينهن وارين ميچن ۾ سندن رنسن جو انگ 10405 آهي، ان کانسواءِ هن ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 19 سينچريون ۽ 63 ففٽيون پڻ اسڪور ڪيون.
برائن لارا کي اِهو انوکو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هن ٻه دفعا ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڏي انفرادي اننگز جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو.
سر گيري سوبرز 1958ع ۾ پاڪستان خلاف ڪنگسٽن جي ميدان تي 365 رنسن جي انفرادي اننگزکيڏي ۽ اِهو رڪارڊ ڇٽيهه ورهين تائين قائم رهيو جيڪو برائن لارا 1994ع ۾ انگلينڊ خلاف 375 رنسون ٺاهي پنهنجي نالي ڪيو.
2004ع ۾ اِهو رڪارڊ آسٽريلوي اوپنر ميٿيو هيڊن 380 رنسون ٺاهي کائنس کسي ورتو پر ڇهن مهينن اندر ئي لارا هڪ ٻي ۽ شاندار اننگز ذريعي اِهو رڪارڊ 400 رنسون اسڪور ڪري ٻيهر پنهنجي نالي ڪيو.
ان کانسواءِ هو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي هڪ اننگز ۾ پنج سئو رنسون ٺاهيندڙ اڪيلو بيٽر آهي،هن اِهو اعزاز 1994ع وارڪشائر ڪائونٽي جي نمائندگي ڪندي اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر محمد حنيف جو 499 رنسن جو رڪارڊ ٽوڙي قائم ڪيو.
پنهنجي شاندار بيٽنگ سبب ڪيئي ورهين تائين ڪرڪيٽ جي دنيا تي حڪمراني ڪندڙ برائن لارا لاءِ ٽيم جي ڪپتاني سدائين مسئلو بڻيل رهي، کيس ٽي ڀيرا ويسٽ انڊيز ٽيم جي قيادت جو موقعو مليو، 1998ع ۾ آسٽريليا خلاف سيريز ۾پهريون ڀيرو ڪپتان بڻيو، ڪجهه تڪرارن سبب کيس ڪپتاني ڇڏڻي پئي، پر 2023ع ۾ هڪ ڀيرو وري هن ويسٽ انڊيز لاءِ ڪپتاني جي ذميواري قبول ڪري ورتي، ٻن سالن کانپوءِ ٽيم جي اسپانسرشپ تي بورڊ سان اختلافن سبب هن ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
لارا 37 ورهين ڄمار ڪرڪيٽ کي الوداع چيو، ان کانسواءِ مٿس عام ڪرڪيٽر طور کيڏندي ڪارل هوپر، جمي ايڊمز ۽ ڪورٽني والس سان سهڪار نه ڪرڻ جهڙا الزام پڻ لڳندا رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.