رات جو ماني کائي نٿا گُهمو ته پاڻ سان دشمني ٿا ڪيو!

رات جو ماني کائڻ کانپوءِ ڪنهن به جسماني سرگرمي جو خيال سٺو محسوس ناهي ٿيندو پر رڳو ڪجهه منٽ گهمڻ جا فائدا توهان کي دنگ ڪري ڇڏيندا.
ماني کائڻ کانپوءِ گهمڻ جي عادت ڪيترن ئي خطرناڪ مرضن کان تحفظ فراهم ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته ٻيا فائدا الڳ هوندا آهن.
رڳو 100 قدم تيز رفتاري سان هلڻ سان به توهان پنهنجي صحت کي بهتر بڻائي سگهو ٿا.
ان آسان عادت کي روز جي معمول جو حصو بڻائڻ جا فائدا هيٺ ڏجن ٿا.
هاضمي جو نظام بهتر ٿئي ٿو
کاڌي کانپوءِ گهمڻ سان هاضمي جو نظام بهتر ٿئي ٿو ۽ آنڊن جا افعال متحرڪ ٿيندا آهن، آنڊن جا افعال متحرڪ ٿيڻ سان غذائي نالي مان خوراڪ گذرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو آهي، جنهن سان بد هاضمي، پيٽ ڦوڪجڻ ۽ ٻين مسئلن کان بچڻ ۾ مدد ملي ٿي.
بلڊ شگر مستحڪم ٿئي ٿي
رات جو کاڌي کانپوءِ گهمڻ سان بلڊ شگر جي سطح کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، ان جو سبب اهو آهي ته گهمڻ سان مسلز گلوڪوز کي وڌيڪ استعمال ڪندا آهن، اها عادت انهن ماڻهن لاءِ تمام گهڻي فائديمند ٿي سگهي ٿي، جن ۾ شگر سان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.
جسماني وزن ۾ گهٽتائي
کاڌي کانپوءِ جسماني سرگرمين سان ڪيلوريز ڳارڻ ۾ مدد ملندي آهي، جيڪڏهن توهان روز کاڌي کانپوءِ گهمو ته وقت گذرڻ سان اها عادت جسماني وزن ۾ گهٽتائي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.
دل جي صحت بهتر ٿئي ٿي
رت جي رڳن جي صحت کي بهتر بڻائڻ لاءِ گهمڻ سٺي ورزش آهي ۽ بلڊ پريشر ۾ گهٽتائي سان دل جي صحت بهتر ٿيندي آهي.
گهمڻ سان ڪوليسٽرول جي سطح به گهٽ ٿيندي آهي، جڏهن ته رت جي گردش تيز ٿيندي آهي ۽ اهي ٻئي دل جي صحت کي بهتر بڻائيندڙ عنصر آهن.
ماهرن موجب رات جو ماني کانپوءِ گهمڻ سان دل جي مرضن ۽ اڌ رنگ جو خطرو گهٽ ڪرڻ ممڪن آهي.
ذهني دٻاءَ جو خاتمو
گهمڻ سان مزاج تي خوشگوار اثر پوندا آهن، ان سان ذهني دٻاءُ گهٽجڻ سان گڏ ذهني مرضن کان بچڻ به آسان ٿي ويندو آهي.
ننڊ بهتر ٿئي ٿي
جسماني سرگرمين، خاص طور رات جو گهمڻ سان سٺي ننڊ حاصل ڪرڻ آسان ٿي ويندي آهي، رات جو کاڌي کانپوءِ گهمڻ سان جسم کي سڪون ملندو آهي ۽ اهو سٺي ننڊ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.