فواد ۽ واني جي نئين فلم ” عابير گلال“ جي شوٽنگ مڪمل

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سپر اسٽار فواد خان ۽ بالي ووڊ اداڪارا واني ڪپور لنڊن ۾ نئين فلم ” عابير گلال“ جي شوٽنگ مڪمل ٿي وئي.
آرتي ايس باگڙي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ رومانوي ۽ ڪاميڊي فلم ڀارتي ۽ پاڪستاني سئنما لاءِ هڪ نئون تجربو ثابت ٿيڻ جي اميد آهي.
ويجهڙائي ۾ فواد ۽ واني ڪپور جي فلم جي سيٽ تان ڪجهه تصويرون وائرل ٿيون جنهن ۾ ٻئي اداڪار فلم جي ٽيم سان گڏ خوشگوار موڊ ۾ نظر اچي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.