آءِ ايم ايف مشن جي آمد کان اڳ بجيٽ هدف مڪمل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي مشن جي آمد کان اڳ بجيٽ هدف مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب نئين قرض پروگرام تي ڳالهين کان اڳ وزارتن کي هدف مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ سمورا اهم هدف مڪمل ٿيڻ تي تفصيل آءِ ايم ايف وفد کي ڏنا ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ اسٽريٽيجي پيپر آءِ ايم ايف وفد جي اچڻ کان اڳ ڪابينا مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ناڻي واري وزارت بجيٽ ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، قرض ادائيگي، دفاعي بجيٽ ۽ ٽيڪس وصولين جو هدف طئي ڪيو ويندو، ترقياتي ۽ جاري بجيٽ جو هدف به طئي ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.