پاڪستان لاءِ سٺي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان لاءِ سٺي خبر آهي ته نئين قرض پروگرام لاءِ عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سان ڳالهين جو شيڊيول طئي ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ نئين قرض پروگرام تي ڳالهين جو شيڊيول طئي ٿي ويو، آءِ ايم ايف جو ڳالهين جو مشن 15 مئي تي نئين پروگرام تي ڳالهه ٻولهه لاءِ اسلام آباد پهچندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ اڳ ۾ ٽيڪنيڪي ۽ پوءِ پاليسي سطح تي ڳالهيون ٿينديون، نيون ڳالهيون شروع ٿيڻ کان اڳ پاڪستان اهم معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ آءِ ايم ايف جي تجويز تي شروع ڪيل واپار دوست اسڪيم بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سينيئر آفيسرن جي بدلين کانپوءِ ايف بي آر ۾ غير معمولي صورتحال آهي.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪندڙ ايف بي آر جي نئين ۽ اڻ تجربي ڪار ٽيم هوندي، جنهن لاءِ ٽيڪس وصولين ۾ تازي گهٽتائي جي معاملي تي آءِ ايم ايف کي مطمئن ڪرڻ چئلينج هوندو.
ذريعن موجب شروعاتي 9 مهينن ۾ پرائمري بجيٽ سرپلس جي هدف ۾ ناڪامي به ڳالهين جي ايجنڊا هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.