نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي جي 100 کان وڌيڪ اسڪولن کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي وصول ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اسڪول خالي ڪرايا ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب اربع جي صبح نئين دهلي جي 100 کان وڌيڪ ۽ ڀارتي شهر نوئيڊا جي ٻن اسڪولن کي اي ميلز ذريعي بم ڌماڪي جي ڌمڪي وصول ٿي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڌمڪي وصول ٿيڻ کانپوءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ، فائر سروس جا اهلڪار فوري طور اسڪولن ۾ پهچي ويا ۽ عمارتن کي خالي ڪرايو ويو.
ڌمڪي ملڻ کانپوءِ استادن ۽ شاگردن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، اسڪول خالي ڪرائي سڀني ٻارن ۽ عملي کي گهر موڪليو ويو.
ڀارتي گهرو وزارت جي دعويٰ آهي ته شروعاتي جاچ موجب اسڪولن کي وصول ٿيندڙ اي ميلز روس مان آيون ۽ اهي سڀئي ڪوڙيون هيون.
You might also like