ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ ماڊل، اداڪارا، فلمساز ۽ فشن ڊزائينر انوشڪا شرما اڄ پنهنجي 36 ھين سالگرهه ملهائي رھي آھي.
بالي ووڊ سندري انوشڪا پهرئين مئي 1988ع ۾ ڀارتي رياست اتر پرديش جي تاريخي شهر ايوڌيا ۾ ڄائي.
اداڪارا پنهنجو فلمي سفر سال 2008ع ۾ شروع ڪيو، سندس پهرين فلم رب ني بنادي جوڙي ھئي جنهن ۾ ساڻس گڏ بالي ووڊ بادشاهه رخ خان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو .
بالي ووڊ جي ٽنهي خانز( شاهه رخ، عامر ۽ سلمان ) سان ڪم ڪندڙ ۽ سڀ کان مهانگي اداڪارائن جي فهرست ۾ شامل انوشڪا پنهنجي جاندار اداڪاريءَ سبب ڪيئي فلمي، قومي ۽ عالمي اعزاز ماڻي چڪي آھي.
سندس مشهور فلمن ۾ سلطان، پي.ڪي، سنجو، مٽرو ڪي بجلي ڪا منڊولا، رب ني بنا دي جوڙي، نائين ايڇ ٽين، بدمعاش ڪمپني، بينڊ باجا بارات، پٽيالا ھائوس، جب تڪ ھي جان، اي دل ھي مشڪل، پري، سئي ڌاگا، زيرو، دِل ڌڙڪني دو ۽ ٻيون شامل آھن.
انوشڪا شرما سال 2017ع ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهليءَ سان پسند جو پرڻو ڪيو، جوڙي کي ٻن ٻارن جو اولاد پڻ آھي .
You might also like