لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جو پارلياماني نظام مداخلت سبب مفلوج ٿي ويو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ملڪي صورتحال تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي، قومي قيادت کي اڻ ڌرين چونڊن لاءِ جمهوري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. لياقت بلوچ چيو ته شهباز شريف دهشتگردي جي خاتمي لاءِ غلط پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي.