لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزير اعلي’مريم نواز چيو آهي ته نارووال ۾ مارجي ويل ليگي ڪارڪن محمد يوسف جا قاتل گرفتار ڪيا ويا آهن، جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز ليگي ڪارڪن محمد يوسف جي قتل تي سندس خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي بدمعاشي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سياست کي نفرت ۽ ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪرڻ سماج لاءِ وڏو چئلينج آهي، سياست خدمت ۽ سڌاري جو نالو آهي تشدد ۽ اڻ سهپ جو نه.