ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ميئر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته گڏجي ڪم ڪرڻ سان حالتن ۾ بهتري ايندي، رنڊڪن جي باوجود ڪم ڪري رهيا آهيون.
ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته رياستي ادارن بابت غلط بيان ملڪ کي ڪمزور ڪن ٿا، ڪچي جا ڌاڙيل وڏو چئلينج آهن، ڪراچي ۾ به ڊگهو وقت ٽارگيٽ ڪلنگ جاري هئي، ادارا ٻيهر پرفام ڪندا ته حالتون بهتر ٿي وينديون.
هن چيو ته لانڍي ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ پوليس اهلڪارن وقت سر ڪارروائي ڪري وڏي نقصان کان بچائي ورتو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سرگرم آهن.
ان کان اڳ ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب مڇي مياڻي مارڪيٽ جو دورو ڪيو.
ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد سان گڏ سي سي فلورنگ ۽ روڊ ڪارپيٽنگ جي ڪم جو افتتاح ڪيو.
ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڏيڍ سال اڳ بلقيس ايڌي پارڪ ۽ علائقي جي مختلف گهٽين کي پڪو ڪيو هو…..
You might also like