ڪراچي (م ڊ) ممتاز دانشور پروفيسر وسيم الطاف چيو آھي ته پاڪستان ۾ اسٽبلشمنٽ پهرين ڏينهن کان طاقتور رهي آھي۔ بيمار قائد اعظم ڪيترائي ڪلاڪ اس ۾ فٽ پاٿ تي پيو رهيو ۽ مٿس مکيون جهڻڪنديون رهيون۔ لياقت علي خان جو لاش به گولي لڳڻ بعد ڇھ ڪلاڪ پٽ تي پيو هو۔ اسان اهڙو ملڪ ٺاهيو آھي جتي جج انصاف جا طالبو آھن ۽ قرض وٺڻ تي فخر ڪيون ٿا۔ هڪ يو ٽيوب چينل تي ڳالهائيندي هن چيو ته لياقت علي خان نالي ماتر وزيراعظم هو ۽ قائداعظم کيس وزيرن جي روبرو گٿو ڳالهائيندو هو ۽ ڪابينا جي صدارت به پاڻ ڪندو هو۔ هن چيو ته ٻه قومي نظريه واري رياست نه ٿي هلي سگهي۔ هن چيو ته اقتدار اسان مسلمانن وٽ هجي ته پوء اسان هندن سان گڏ رهي سگهون ٿا۔ علاما اقبال به الڳ ملڪ ٺاهڻ جي ڳالھ نه ڪئي هئي هن رڳو ڪجھ علائقن کي خودمختياري جو چيو هو۔ هن چيو ته نهرو ان ڪري ڪيبينيٽ مشن پلان رد ڪيو هو جو هن سمجهي ورتو هو ته هو مسلمانن کي سنڀالي نه سگهندو۔ هن چيو ته ٻه قومي نظريه وارن کي بنگالين کان معافي وٺڻ گهرجي۔ هن چيو ته قائد اعظم ڪانگريس ۾ ھو ته هندن سان گڏ رهي سگهجي پيو۔ جناح صاحب ڪيبينيٽ مشن پلان مڃيو ته هندن سان گڏ رهي سگهجي ٿو۔ هن چيو ته سڄي هندستان ۾ ھندن، پارسين ۽ عيسائين لاء پرسنل لا ساڳيو آھي رڳو مسلمانن لاء الڳ آھي۔ هن چيو ته لياقت علي خان جي قتل جي انڪوائري رپورٽ جيڪو جهاز کڻي وڃي رهيو هو اهو راهوالي جي ويجهو ڪري تباه ٿي ويو۔ جڏهن ته جنهن شخص تي قتل جوالزام لڳو ان کي ٿڏي تي ماري ان جي وارثن کي نوازيو ويو ۽ جنهن پوليس جي آفيسر قاتل کي گولي هنئي ان کي به نوازيو ويو۔ هن چيو ته رياست کي سڪيولر هجڻ گهرجي ۽ رياست جو ڪو مذھب نه هوندو ته اها هلي سگهي ٿي۔