شڪارپور ضلعي مان اغوا ٿيل 12 مغوي آزاد نه ٿيا، وارثن جو انڊس هاءِ وي تي 8 ڪلاڪ ڌرڻو

شڪارپور (رپورٽ:ذوالفقار مگسي) شڪارپور ضلعي مان مختلف وقتن تي اغوا ٿيل 12 مغوي بازياب نه ٿيا، مغوين جي وارثن جو شڪارپور باءِ پاس انڊس هاءِ وي تي جيل چورنگي وٽان ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري 8 ڪلاڪن ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي سبب چئني صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون شڪارپور ضلعي جا 12 مغوي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڌاڙيلن وٽ ڀنگ لاءِ قيد آهن جنهن سبب سندن گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، ان حوالي سان گذريل ڏينهن مختلف مغوين جي وارثن حيدر علي پهوڙ رئيس قربان سومري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شڪارپور باءِ پاس تي جيل چورنگي وٽان انڊس هاء وي کي بند ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ۽ ڊينگهر هڻي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن سبب چئني صوبن طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ٽريفڪ معطل هجڻ ڪري ايس ايڇ او نيوفوجداري مظاهرين وٽ پهچي لٺبازي ڪري روڊ کولرائڻ جي ڌمڪي ڏني ته مظاهرين پوليس توڙي چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪري ڏني، ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هوته ڌاڙيل چونڊيل نمائندن جا پاليل غنڊا آھن جيڪي سمورو ڏينهن ڦرلٽ ڪندا رهن ٿا ۽ ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغواڪن ٿا، ٻئي طرف پوليس جي رٽ ڪمزور ٿي چڪي آھي انتظاميه ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي،

ضلعي جا 12مغوي جن ۾ عمران پهوڙ، چنيسر پهوڙ، ثناءُ الله سومرو، بشيرپهوڙ، گلشير سيٺار، عبدالستار سيٺار، محرم جتوئي، غلام فريد مڱڻهار، عامر مهر، سندس سئوٽ فريد مهر، معشوق لاشاري، منظور لاشاري،گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڌاڙيلن وٽ ڀنگ لاءِ قيد آهن سندن زندگي کي شديد خطرو آهي, پر انتظاميه سندن آزادي لاءِ سنجيده نظر نه ٿي اچي جنهن سبب مجبور ٿي روڊن تي نڪتا آهيون جيستائين سندن پيارا بازياب نه ٿيندا ڌرڻو جاري رهندو، ان موقعي تي مظاهرين ۽ نيوفوجداري پوليس ۾ سخت چڪريون ٿي پيون پوليس پاران جبري طور روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ مظاهرين کي لٺبازي جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پر مظاهرين روڊ کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد 8ڪلاڪن کانپوءِ شام جو دير سان ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون مظاهرين وٽ جيل چورنگي تي پهچي سمورن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايوجنهن بعد ٽريفڪ بحال ڪرائي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.