سڊني (م ڊ) آسٽريليا جي شهر سڊني جي هڪ شاپنگ سينٽر تي 13 اپريل تي ٿيل حملي ۾ مارجي ويلن ۾ هڪ پاڪستاني به شامل هو. واضح رهي ته ويسٽ فيلڊ نالي شاپنگ سينٽر ۾ هڪ شخص چاقو سان 6 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو هو. سڊني پوليس موجب حملي دوران مارجي ويلن ۾ پاڪستاني گارڊ فراز طاهر به شامل آهي، جڏهن ته حملي ۾ 5 ٻيون عورتون به مارجي ويون آهن. جڏهن ته 12 عورتون زخمي پڻ ٿي پيون، حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ 40 ورهين جي جوئل ڪاچي طور ٿي آهي،جيڪو پوليس اهلڪار جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو. هينئر تائين حملي جو سبب سامهون نه اچي سگهيو آهي.
-
حافظ نعيم الرحمان 18 اپريل تي جماعت اسلامي جي امير طور حلف کڻندو
لاھور(پ ر) مرڪزي پريس ترجمان جماعت اسلامي قيصر شريف چيو آهي ته نئو چونڊيل امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمن 18اپريل تي پنهجي عهدي جو حلف کڻندو حلف برداري تقريب جماعت اسلامي جي هيڊ ڪوارٽر منصوره لاهور ۾ منعقد ڪئي ويندي. تقريب جي شروعات نماز مغرب کان ٿيندي جنهن م مختلف فڪر جي ماڻهن جي شرڪت ٿيندي.قيصر شريف چيو ته نئو چونڊيل امير جماعت اسلامي انجنيئر حافظ نعيم الرحمن حلف کڻڻ بعد فوري طور تي مجلس عامه جي اجلاس جي صدارت ڪندو. اهڙي طرح هو جماعت اسلامي جي مجلس شوري جي اجلاس به گهرايو آهي جيڪو منصوره م ٽي ڏينهن هلندو 19کان 21اپريل تائين اجلاس هلندو.حافظ نعيم الرحمن اجلاس جي صدارت ڪندو ۽ آچر ڏينهن ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.
-
پرائيويٽ ڪمپني پاران نوڪري ڏيارڻ بهاني ڪروڙين رپين جو فراڊ
ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي ۾ پرائيويٽ ڪمپني پرڏيهه ۾ نوڪريءَ جي ڏٺو ڏئي ڪري ڪروڙين رپيا ٺڳي ڪري فرار ٿي ويا، متاثرن ڪمپني خلاف پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي نوجوانن نجي ڪمپني خلاف ڪارروائي لاءِ درخواست ڏني آهي، جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. متاثرن جو چوڻ آهي ته ڊفينس فيز 8 ۾ سعودي عرب، دبئي ۾ روزگار لاءِ نوجوانن کان خانگي ڪمپني رقم ورتي، جڏهن هو اڄ ڪمپني جي آفيس پهتا ته ان کي تالا لڳل هئا. متاثرن جو انگ 80 جي لڳ ڀڳ آهي، جن 2 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم جمع ڪرائي ڇڏي آهي. متاثرن جو چوڻ آهي ته اسان جا پاسپورٽ، ٻيا دستاويز پرائيويٽ ڪمپني وٽ هئا.
-
گنڊاپور ٽڪيٽ بدران 7 ڪروڙن ۽ سرڪاري نوڪري جي آڇ ڪئي: مبارڪ زيب
باجوڙ (م ڊ) باجوڙ ۾ رٿيل ننڍي چونڊ لاءِ پي ٽي آءِ جي مقتول اڳواڻ ريحان زيب جي خاندان کي ٽڪيٽ نه ڏني وئي، جنهن کانپوءِ ريحان زيب جو ڀاءُ مبارڪ زيب پي ٽي آءِ اميدوارن خلاف چونڊ ميدان ۾ اچي ويو. مبارڪ زيب الزام لڳايو ته کيس اليڪشن جي ٽڪيٽ ڏيڻ بدران خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور 7 ڪروڙ رپيا ۽ سرڪاري نوڪري جي آڇ ڪئي. علي امين گنڊاپور، بئريسٽر گوهر، شير افضل مروت ۽ علي محمد خان سان ننڍي چونڊ ۾ ٽڪيٽ لاءِ ڳالهايو پر پي ٽي آءِ قيادت اسان جون دليون ٽوڙي ڇڏيون. هن چيو ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي پر ريحان زيب جا قاتل گرفتار نه ٿيا آهن. خيبرپختونخواه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڪنهن کي سرڪاري نوڪري ۽ 7 ڪروڙ رپين جي آڇ ناهي ڪئي، اليڪشن وڙهڻ سڀني جو حق آهي. بئريسٽر سيف چيو ته ضمني چونڊن ۾ اين اي 8 باجوڙ تان پي ٽي آءِ گل ظفر کي اميدوار نامزد ڪيو آهي، جڏهن ته صوبائي تڪ پي ڪي 22 باجوڙ تي پي ٽي آءِ جو گل داد اميدوار آهي.
-
آسٽريليا ۾ ٻن ڏينهن اندر ٻيو چاقو حملو، پادري سميت 4 زخمي
سڊني ( م ڊ ) آسٽريليا جي شهر سڊني جي چرچ ۾ چاقو سان حملي ۾ پادري سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، چرچ ۾ پادري تي حملو تقرير جي لائيو اسٽريمنگ دوران ٿيو. پوليس موجب حملي آور کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، برطانوي ميڊيا موجب وڊيو ۾ ڳاڙهي ڪپڙن ۾ ملبوس هڪ شخص کي پادري جي ويجهو ايندي کيس چاقو سان وار ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن کانپوءِ چرچ ۾ موجود ماڻهو حملي آور کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ به سڊني ۾ هڪ شاپنگ مال ۾ چاقو سان حملي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا هئا، جن ۾ هڪ پاڪستاني به شامل هو. برطانوي ميڊيا موجب ٻنهي واقعن جو پاڻ ۾ ڪو تعلق نظر نٿو اچي.