آصفه ڀٽو زرداري جي اين اي 207 تي بنا مقابلي ڪاميابي چئلينج

ڪراچي (رپورٽر) صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري جي اين اي 207 تي بنا مقابلي ڪاميابي چئلينج ڪئي و ئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين اي 207 تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا اميدوار غلام مصطفيٰ رند درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ آصفه ڀٽو زرداري سميت اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو، آصفه ڀٽو جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن  ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي، درخواست گذار غلام مصطفيٰ رند موقف اختيار ڪيو ته اين اي 207 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ کان اڳ  اغوا ڪري ۽ ڪوڙي بل ذريعي منهنجا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا، رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو آھي، درخواستگذار موجب اميد ته نامزدگي فارم بحال ٿيندو، اين اي 207 تي ٻيھر اليڪشن ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.