سنڌ سرڪار کي نوڪريون ڏيڻ جي مشروط اجازت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، سنڌ حڪومت کي مختلف کاتن ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين سرڪاري نوڪريون ڏيڻ لاءِ قانوني طريقا اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جسٽس ظفر احمد راجپوت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي انهن پوسٽون تي ڀرتي جي ضرورت آهي ته  ٻيهر اشتهار ڏئي ۽ قانون موجب ڀرتيون ڪري، عدالت چيو ته جيڪڏهن چونڊن کان اڳ ڀرتيون قانوني هيون ته پوءِ ڪيترن ئي ڊپٽي ڪمشنرن اهو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڇو ڪيو؟ ڇا اسان اهو به ٻڌائينداسين ته ڪنهن جي ڊپٽي ڪمشنرن پاران منع ڪئي وئي هئي، ويندي ويندي حڪومت نوڪريون ورهائي ٿي اهو ڪهڙو طريقو آهي؟ جسٽس ظفر راجپوت چيو ته ڇا هاڻي سياسي ورڪرن جو ڪم نوڪريون وڪڻڻ رهجي ويو آهي؟ عدالت چيو ته ايئن ٿو ٿئي ته مان فلاڻي تعلقي جو سيڪريٽري آهيان، مون کي 10 نوڪريون ڏيو، مان صدر آهيان، مون کي 15 ڏيو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن سماج کي سڌارڻو آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اهو سوچيو ويو آهي ته اسان جا ٻار پرڏيهه ۾ پڙهندا ۽ اتي ئي رهندا ته پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجو ملڪ ڇڏڻ نٿا چاهيو ته پوءِ ميرٽ اختيار ڪريو، سماجي انصاف جو بنياد آهي، توهان سوچيو ته اسان ڪمرن ۾ ويٺا آهيون ۽ اسان کي ڪا به خبر ناهي. جسٽس ظفر راجپوت چيو ته اسان کي خط ملن ٿا، جن ۾ نالا، پوسٽن جا تفصيل شامل آهن. تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس پاس ڪندڙن کي ڏهن سالن کان نوڪريون نه مليون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.